اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا سبب پيدا ٿيند?? صورتحال ۾ فاصلاتي تعليمي نظام جي اهميت وڌي وئي آهي، تعليم جو سلسلو جاري رکڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي، ان سلسلي ?? اهڙن طريقن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي جيڪي رڳو اشرافيه جي لاءِ مخصوص نه ??جن پر تعليم حاصل ڪرڻ آسان هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان برطانيا ايجوڪيشن گيٽ وي ڪانفرنس کي وڊيو ل??ڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.