اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ -آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزير محسن نقوي پاڪ -آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي خدمتن کي ساراهيو. گهرو وزير محسن نقوي آمريڪي سفير لاءِ نيڪ ??واهشن جو اظهار ڪيو. آمريڪي سفير پا??ست??ن ۾ تازو ٿيل دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪئي. گهرو وزير ج?? چوڻ هو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، عالمي برادري کي گڏجي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ لائحه عمل بڻائڻو پوند??. ڪ??هن به غير قانوني پرڏيهي کي پا??ست??ن ۾ رهڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. آمريڪي سفير چيو ته پا??ست??ن ۾ م??رري دوران سمورن ادارن جو ڀرپور تعاون حاصل رهيو. وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا ۽ آمريڪي ڊپٽي هيڊ آف مشن نيٽلي بيڪر به ان موقعي تي موجود هئي.