اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بيلاروس جي پرڏيهي وزير ميڪسم رائزنڪوف پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وز??را??ظم ۽ بيلاروس جي پرڏيهي وزير ميڪسم رائزنڪوف ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن ۽ صدر لوڪاشينڪو جي پاڪستان جي دوري جي ايجنڊا ۽ پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن پاڪستان بيلاروس لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ گڏيل لاڀائتي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ٻطرفي م??اسٽا ۽ اعليٰ سطح جي دورن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان امي?? جو اظهار ڪيو ته صدر لوڪاشينڪو جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي م??ندي. هن وچ اوڀر جي صورتحال سميت اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پنهنجي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ غزه ۾ انساني صورتحال کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس موقف جي ضرورت تي زور ڏنو. هو ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا ۽ بيلاروس جي صدر ا??يگ??ينڊر لوڪاشينڪو جي دوري جي ايجنڊا ۽ پروگرام کي حتمي شڪل ڏيندا جيڪو اڄ پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پهچندو.