اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) مذهبي م??املن ۽ هم آهنگي بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان عراق ۾ پاڪستان جي سفير محمد ذيشان احمد ملاقات ڪئي. وزارت مان جاري بيان موجب عراق ويندڙ زائ??ين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان مختلف قدمن تي ??يا??ن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته زائ??ين مئنجمينٽ پاليسي وفاقي ڪابينه اپريل 2021ع ۾ منظور ڪئي هئي، پاليسيءَ ج?? بنيادي مقصد پاڪستاني زائ??ين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ٻنهي ملڪن جي م??هبي م??املن واري وزارت وچ ۾ ايم او يو جو ڊرافٽ پرڏيهي وزارت ڏانهن اُماڻي ڇڏيو آهي. وفاقي وزير زائ??ين کي سهولت جي فراهميءَ جي حوالي سان جلد کان جلد عراقي حڪومت سان ايم او يوز صحيح ڪرڻ جي هدايت ڪئي?? ايم او يو تحت پاڪستاني زائ??ين کي عراق ۾ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون. وفاقي وزير ڪربلا ۾ پاڪستان هائوس ۽ وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ جي قيام کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته حڪومت زائ??ين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. پاڪستاني سفير عراق ۾ پاڪستاني ويلفيئر اتاشين جو انگ وڌائڻ جي تجويز ڏني.