اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي ته هر ٻار کي معياري تعليم، صحت جي سهولتن ۽ هڪ محفوظ ۽ پرورش ڪندڙ ماحول فراهم ڪرڻ ح??ومت جو فرض آهي ته جيئن ٻار پنهنجي ??ڪمل صلاحيتن کي حاصل ڪري سگهن ۽ معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن، ٻارن جو عالمي ڏينهن اسان کي ان گڏيل ذميواري جي ??اد ڏياري ٿو ته اسان بنا ڪنهن فرق جي ??ر ٻار جي حقن جي تحفظ ۽ تڪميل کي يقيني بڻايون. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻارن جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي پيغام ۾ چيو ته ٻارن جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي آئون پاڪستان جي ??ارن جي حقن، ڀلائي ۽ ترقي جي ??اءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، اهي ٻار اسان جي ??ستقبل جا معمار آهن ۽ اسان جي ??وم جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن. وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن اسان کي ان گڏيل ذميواري جي ??اد ڏياري ٿو ته اسان بنا ڪنهن فرق جي ??ر ٻار جي حقن جي تحفظ ۽ تڪميل کي يقيني بڻايون. هن چيو ته اهو اسان جو فرض آهي ته اسان هر ٻار کي معياري تعليم، صحت جي سهولتن ۽ هڪ محفوظ ۽ پرورش ڪندڙ ماحول فراهم ڪريون ته جيئن اهي پنهنجي ??ڪمل صلاحيتن کي حاصل ڪري سگهن ۽ معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن. شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي حڪومت ٻارن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي ??اءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جهڙوڪ دانش اسڪولز جو قيام جيڪي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ گهٽ وسيلا رکندڙ ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪري رهيا آهن، انهن اسڪولز بي شمار ٻارن جون زندگيون بدلائي ڇڏيون آهن ۽ انهن کي هڪ روشن مستقبل جي راهه ڏيکاري آهي. هن چيو ته اسان ت??ليمي ايمرجنسي جو اعلان ڪ??و آهي، جنهن ت??ت وسيلن کي متحرڪ ڪري خواندگي جي شرح ۾ اضافي، اسڪولن جي ??ئين سر تعمير ۽ ٻار کي معياري تعليم جي ??راهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ڪميونٽي آئوٽ ريچ ۽ خاندانن کي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ??اءِ خصوصي مهارت جي ذريعي اسڪول نه ويندڙ لکين ٻارن جي داخلا جي ??اءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ تعليمي نتيجن کي بهتر بڻائڻ جي ??اءِ حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ غذائيت جو پروگرام متعارف ڪ??و آهي ته جيئن ٻارن کي صحتمند کاڌو ملي جيڪو انهن جي جسماني ۽ ذهني واڌويجهه ۾ مددگار بڻجي. هن چيو ته اهي سمورا قدم ان عزم جي عڪاسي ڪن ٿا ته اسان پنهنجي ??وجوان نسل جي اوسر ۽ خوشحالي جي ??اءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته آئون والدين، استادن، سول سوسائٽي ۽ پاليسي سازن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي گڏجي ??ڪ اهڙو معاشرو جوڙين جتي هر ٻار جي اهميت هجي ۽ اهو پاڻ کي محفوظ ۽ قيمتي محسوس ڪري. هن چيو ته ٻارن جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي اچو اسان وچن ڪريون ته پنهنجي ??ارن کي قومي ترجيحن ۾ اوليت ڏينداسين ۽ هڪ اهڙو مستقبل يقيني بڻائينداسين جتي اهي عزت، برابري ۽ اميد سان وڌي ويجهي سگهن.