اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (ا?? پي پي ) شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ازبڪستان جو وزيراعظم عبد الله اريپوف پاڪستان پهچي ويو. نور خا?? ايئر بيس پهچڻ تي توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خا?? لغاري مهمان وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي روايتي پاڪستاني لباس پهريل ٻارن وزيراعظم عبدالله اريپوف کي گلدستو پيش ڪيو. مهمان وزيراعظم لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو هو. پاڪستان ۾ ازبڪستان جو سفير، سفارتخاني جون ??عل?? اختياريون ۽ ٻيون سرڪاري شخصيتون پڻ موجود هيون .