اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري اتر وزيرستا?? جي علائقي اسپين وام ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ڪندي ??هشتگردن سان وڙهندي ??ان جو نذرانو پيش ڪندڙ پاڪ فوج جي بهادر جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت وط?? جي دفاع خاطر عظيم قرباني پيش ڪندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت سميت سمورن بهادر جوان?? جي حب الوطني جي جذبي کي سارهيو. صدر مملڪت دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکڻ جي قومي عزم جو اظهار به ڪيو. صدر مملڪت شهيد جوان?? جي ڪٽنبن سان تعزيت جو اظهار ڪندي ??مورن شهيد?? جي بلند درجن ۽ ڏکوئيل ڪٽنبن لاءِ صبر ??ي دعا ڪئي.