راولپنڊي-07 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز مهمند ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور هيڊڪوارٽر تي حمل?? ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ چئن آپگهاتي بمبارن کي جهنم ڀيڙ?? ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب 6 سيپٽمبر 2024ع جي صبح جو سوير چئن خارجي دهشتگردن جي هڪ گروپ مهمند ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور هيڊڪوارٽر تي حمل?? ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيمپ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن اثر??ئت?? طريقي سان ناڪام بڻايو ۽ ان جي نتيجي ۾ چ??ني آپگهاتي بمبارن کي گهربل نقصان پهچائڻ کان پهرين ئي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. علائقي ۾ ڪنهن به ٻئي موجود خارجي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ صفائي آپريشن ڪيو پيو وڃي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جو خاتم?? ڪرڻ لاءِ جرئتمنداڻي عزم سان بيٺل آهي.