اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پارلياماني جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ??ياسي استحڪام کي فروغ ڏيڻ ج?? ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي، صدر ملڪ کي سياسي، معاشي ۽ ??يڪيورٽي چئلينجز مان ڪڍڻ ج?? لاءِ سياسي يڪجهتي پيدا ڪرڻ ج?? ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ايوان صدر ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز (پ پ پ پ)، عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي)، پاڪستان مسلم ليگ (ق) (پي ايم ايل ڪيو) ۽ ??ستحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) سان تعلق رکندڙ پارليامينٽرينز ج?? اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪري رهيو هو. آجياڻي ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، مذهبي معاملن ۽ ??ين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان، خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي، اي اين پي جي صدر سينيٽر ايمل ولي خان، اڳوڻي وزيراعظم ۽ ??ينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ، آءِ پي پي جي صدر عبدالعليم خان ۽ ملڪ جي سينيئر سياسي قيادت شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڀائيچاري ۽ گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ ج?? ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي خوشحالي آڻڻ ج?? لاءِ سياسي، معاشي ۽ ??ڪومتي سڌارا ضروري آهن. هن چيو ته اسان کي پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي عوام جي ڀلائي جي لاءِ يڪجهتي سان ڪم ڪرڻو پوندو. مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽرينز ملڪ ۾ استحڪام آڻڻ ۽ ??وام کي ريليف ڏيڻ ج?? لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون. هنن قومي اهميت جي مسئلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ صدر جي سياسي بصيرت ۽ ويزن کي پڻ ساراهيو.