ڪراچي-21 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي ??ڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آھي ته ايران ۾ سنڌ واسي پاڪستاني زائرين سان پيش آيل روڊ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي تمام گھڻو ڏک پھ??و آھي. ھن ايران جي شھر يزد ۾ روڊ حادثي ۾ شهيدن جي ??ارثن سان تعزيت جو اظھار ڪيو. وڏي وزير کي آگاھي ڏني وئي ته لاڙڪاڻي مان ڪربلا (عراق) ويندڙ بس کي ايران جي شھر يزد ۾ حادثو پيش آھي جنھن ۾ 35 زائرين شهيد ٿي ويا ۽ 18 زخمي ٿيا آهن، جڏھن ته بس ۾ گڏيل طور تي 53 مسافر سوار ھئا. وڏي وزير صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھه کي ھدايت ڏيند?? چيو ته ايران ۾ متاثر خاندانن جي ھر ممڪن مدد ڪئي وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ قائم ايران جي ??ونصل جنرل سان رابطو ڪيو وڃي ته جيئن ??تاثرن جي تر?? مدد ڪري سگھجي. ھن وڌيڪ چيو ته حادثي جي ??وتين جا مڙھ آڻڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاھ کي حڪم ڏيند?? چيو ته پرڏيھي وزارت سان رابطو ڪيو وڃي ۽ فوتين جا مڙھ وطن آڻڻ لاءِ تر?? اپاءَ ورتا وڃن ۽ زخمين کي بھترين طبي سھولتون فراھم ڪيون وڃن ۽ سندن واپسيءَ لاءِ سفري سھولتن جو بندوبست ڪيو وڃي.