اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان – ترڪيه ٻطرفي سياسي مشاورت (بي پي سي) جو ستون دور اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهڻ رخي ۽ علائقائي سطح تي ت??او?? وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪ??يٽ??ي محمد سائرس قاضي ۽ جمهوريه ترڪيه جي پرڏيهي معاملن واري نائب وزير نوح يلماز پنهنجي لاڳاپيل طرفن کان ڳالهين واري دور جي سربراهي ڪئي. ٻنهي طرفن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي ۽ دفاع، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ سياحت، تعليم ۽ قونصل خاني جي معاملن سميت ٻطرفي ت??او?? جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهڻ رخي ۽ علائقائي سطح تي ت??او?? تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هاءِ ليول اسٽ??يٽ??ڪ ڪوآپريشن ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ڌرين اسلام آباد ۾ ڪائونسل جو ستون اجلاس جلد منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڌرين دفاع ۽ سلامتي جي شعبي ۾ مضبوط ت??او?? تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل منصوبن ۽ نئين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي شعبن ۾ ت??او?? جي ذريعي موجوده ت??او?? کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين ٻطرفي واپاري ماپي کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ ت??او?? وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين موجوده معاهدن کي مڪمل ۽ موثر طريقي سان هلائڻ جي ڪوششن جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. جائزي هيٺ معاهدن جي جلد پڄاڻي ۽ پاڪستان – ترڪيه اسٽ??يٽ??ڪ اڪنامڪ فريم ورڪ (ايس ايس ايف) کي اپ گريڊ ڪرڻ، گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي سيڪ??يٽ??ي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي مستقل ۽ اصولي حمايت تي ترڪيه کي ساراهيو. ڌرين عزه ۾ اسرائيل جي جاري جنگ ۽ فلسطيني عوام جي نسل ??شي??َ تي پڻ شديد خدشن جو اظهار ڪيو. هنن فوري جنگبندي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ ملحقه رياست فلسطين قائم ڪرڻ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ڌرين گڏ??ل قومن، او آءِ سي، اي سي او ۽ ڊي ايٽ سميت گهڻ رخي ۽ علائقائي فورمز تي ٻطرفن رابطن ۽ ت??او?? تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي گهڻ رخي فورمز تي گڏ??ل قدم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ترڪيه جي وفد نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پڻ ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪ ترڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ۽ ت??او?? کي اڳتي وڌائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. ترڪيه بي پي سي ٻطرفي لاڳاپن جو جامع جائزو وٺڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ت??او?? جي نئين شعبن کي ڳولڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي.