اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??وٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته ??زيراعظم محمد شهباز شريف جي سربراهي ۾ معاشي بحالي، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، نوجوانن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهيون، بااختيار نوجوان پنهنجي خاندان ۽ ملڪ جي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي ڪندي ڪيو. هن چيو ته ??هانگائي 4 سالن جي گهٽ ترين سطح تي آهي، حڪومت معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، سمور?? معاشي اهڃاڻ مثبت آهن. ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي ۽ عوام کي رليف ملندو. هن چيو ته ??اڪستان دولت مشترڪه سان فعال انداز ۾ گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي، 2017ع تائين پاڪستان ۾ چين سميت ٻيا ملڪ سيڙپڪاري ڪري رهيا هئا، 2017ع کان 2024ع جي وچ ڌاري پاڪستان ۾ ڪا به سيڙپڪاري نه آئي جنهن جو اسان کي تمام وڏو نقصان کڻڻو پيو، حڪومتي قدمن سبب سڄي دنيا جا سيڙپڪار پاڪستان جو رخ ڪري رهيا آهن. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جو دورو ڪيو، دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحيون ڪيون ويون، ان جا اثر جلد سامهون ايندا. پاڪستان دولت مشترڪه سان مصنوعي ذهانت ۾ تعاون جو معاهدو ڪيو آهي، جيڪو 12 آگسٽ تي نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته دولت مشترڪه جي ??وٿ منسٽرز جي ٽاسڪ فورس جي چيئرمين شپ پاڪستان وٽ آهي، ان ٽاسڪ فورس تحت دولت مشترڪه جي 56 ميمبر ملڪن جا تعليم، راندين ۽ صنعت وارا وزير ايندڙ سال پاڪستان جو دورو ڪندا، ان سان انهن ملڪن وچ ۾ واپار ۽ ڪاروبار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته ??لندڙ مهيني جي آخر ۾ وزيراعظم ??وٿ لون اسڪيم ٻيهر شروع ڪئي ويندي، 3 لک نوجوانن ۾ 100 ارب روپين جا قرض ورهايا ويندا، انهن قرضن جي واپسي جي شرح 97 سيڪڙو آهي ان سان ملڪي معيشت کي 900 ارب روپين جو فائدو ٿيو آهي، انهن نوجوانن 30 هزار م??از??تون فراهم ڪيون آهن. هن چيو ته ??وجوده حڪومت جي دانشمنداڻي قدمن سبب آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، ??اڪ??ڻ ته حڪومت آءِ ٽي کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي.