لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جا 5 سال پورا ٿيڻ جي ??وقعي تي اسان ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي ??نصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي ??ربانين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. گذريل ڏينهن اي پي پي سان خاص ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته ڀارت جا 5 آگسٽ 2019 وارا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??يترن ئي ٺهرائن جون ڀڃڪڙيون آهن، جن ۾ اهو چيو ويو هو ته رياست ڄمون ڪشمير جي ??ستقبل جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي ??رضي مطابق آزاد، غيرجانبدار ۽ گڏيل قومن جي ??گراني هيٺ ووٽنگ ذريعي ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ناپاڪ ڪارروائين سان گڏيل قومن جي ??هرائن ۽ عالمي قانونن جي ??ڃڪڙي رهيو آهي جنهن سان ڏکڻ ايشيا ۽ خطي لاءِ س??گي?? خطرا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ج??ن ٺهرائون ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار جو حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان والاريل ڪشمير جي سمورن شهيدن کي انهن جي ??ازوال قرباني ۽ انهن جي ??ونئرن کي ان عزم ۽ حوصلي لاءِ ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا.