اسلام آباد – 26 – جولائي (اي پي پي) وفاقي حڪومت انفارميشن گروپ جي ??ريڊ 21 هين سينيئر آفيسر عنبرين جان کي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينا سيڪريٽريٽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب اطلاعات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان کي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزارت جي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. عنبرين جان جي مقرري سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع جي شق 10 تح?? ٿي جي??ا ٻئي حڪم تائين فوري طور تي لاڳو هوندي.