اسلام آباد – 18 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورث?? ۽ ??قافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله ??ارڙ ڊائون سنڊروم ۽ آٽزم جو شڪار فلسطيني نوجوان محمد بحر جي اسرائيلي فوج جي وحشي ڪتي جي حملي ۾ مارجڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلسطيني نوجوان محمد بحر ڊائون سنڊروم ۽ آٽزم جو شڪار هو، اسرائيلي فوجين نوجوان تي ڪتي سان حملو ڪرايو ?? ان کي مرڻ جي لاءِ ڇڏي ??نو?? ان اذيتناڪ واقعي کي بيان ڪرڻ جي لاءِ لفظ موجود نه آهن، الله ??عاليٰ رحم فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي پوسٽ ۾ ڊان نيوز ??ي خبر جو حوالو ڏنو. خبر موجب ڊائون سنڊروم ۽ آٽزم جو شڪار 24 سالا فلسطيني نوجوان محمد بحر جي گهر تي اسرائيلي فورسز ڇاپو هنيو. ان دوران اسرائيلي فورسز جي وحشي ڪتي نوجوان تي حملو ڪيو ?? ان کي ماري ڇڏيو.