اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي، ته ملڪ ۾ عدم استحڪام ۽ بي يقيني پکيڙيندڙ ڌرين کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي. حڪومت رياست ۽ قومي سلامتي جي ادارن جي باري ۾ هلايل منظم مهم جي ٽوڙ ڪرڻ لاءِ ميڊيا حڪمت عملي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي توجهه ??ني وڃي. اهڙو اظهار هن س??ني?? ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي ليڊر ۽ س??ني?? جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين س??ني??ر عرفان صديقي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، جنهن وزيراعظم سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ مجموعي ملڪي صورتحال، عوام کي درپيش مسئلن ۽ ميڊيا بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت رياست ۽ قومي سلامتي جي ادارن بابت هلايل مهم جو ٽوڙ ڪرڻ ۽ ماڻهن کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ مسلم ليگ (ن) کي به ميڊيا حڪمت عملي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ عدم استحڪام ۽ بي يقيني پکيڙيندڙ ڌرين کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم س??ني?? ۾ مسلم ليگ (ن) جي مثبت ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته س??ني?? کي جمهوري قدرن ۽ باوقار ماحول لاءِ چونڊيل ايوانن جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف س??ني??ر عرفان صديقي کي پرڏيهي معاملن بابت س??ني?? جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪ??ن ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ان جي اڳواڻي ۾ پرڏيهي معاملن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت، پرامن ۽ تعميري تشخص اڀارڻ تي خاص ڌيان ڏيندي.