اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءُ، قومي ورثي ۽ ثقافت بابت و??اقي وزير عطاالله تارڙ سينيئر صحافي عون ساهي ۽ نوخيز ساهي جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسو?? جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير ڪٽنب ڀاتين سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ماءُ اهڙي عظيم هستي آهي، جنهن جو ڪو نعم البدل ناهي. هن چيو ته مرحومه جي وفات ڏکويل ڪٽنب لاءِ پورو نه ٿيڻ جوڳو نقصان ۽ وڏو صدمو آهي، مرحومه جي لاڏاڻي سان پ??دا ٿيل خال ڪڏهن به ڀ??جي نه سگهندو. هن چيو ته عون ساهي ۽ سندس ڪٽنب ڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ وارثن کي صبر عطا ڪري.