اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي سالياني چونڊن ۾ نئين چونڊيل عهديدارن کي م??ار??باد ڏيندي چيو آهي ته چونڊيل عهديدار ملڪ ۾ صحافت جي معيار جي وڌيڪ بهتري ۽ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ قدم کڻندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ارشاد احمد عارف کي صدر، اعجازال??ق کي سيڪريٽري جنرل، انور ساجدي کي سينيئر نائب صدر ۽ باقي چونڊيل عهديدارن کي م??ار??باد ڏني. هن چيو ته ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جون ملڪ ۾ معياري صحافت جي لاءِ وڏيون خدمتون آهن. پراميد آهيان ته سي پي اين اي جا ن??ان چونڊيل عهديدار ملڪ ۾ صحافت جي معيار جي وڌيڪ بهتري ۽ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ قدم کڻندا. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. صحافتي برادري جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.