اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جو دائرو وڌائڻ جي هدايت ڪندي چي?? آهي ته عوام کي شهري سهولتن جي فراهمي ۾ آساني جي حوالي سان پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جي طرز تي آپريشنز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزير??عظ?? چي?? ته ڪاروبار ۾ آساني جي حوالي سان پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جو موجود هجڻ خوش آئنده آهي. هن هدايت ڪئي ته پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جو دائرو وڌايو وڃي. وزير??عظ?? چي?? ته عوام کي شهري سهولتن جي فراهمي ۾ آساني جي حوالي سان پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جي طرز تي آپريشنز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، چي?? جو سنگل ونڊو جو نظام اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. اجلاس کي چي?? ايگزيڪيوٽو آفيسر پاڪستان سنگل ونڊو پاران تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان سنگل ونڊو جي ذريعي ملڪ جو 65 سيڪڙو واپار فائدو کڻي ره??و آهي، 11 حڪومتي ادارا ۽ 29 بئنڪون پاڪستان سنگل ونڊو سان ڳنڍيل آهن، پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جي گڏيل قومن جي ڊيجيٽل ۽ سسٽين ايبل ٽريڊ فيسيلي ٽيشن سروي 2022ع گلوبل سروي ۾ درجابندي خطي جي ملڪن ۾ بهترين رهي.