بشڪيڪ – 22 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغز جمهوريه جي پرڏيهي وزير ڪلوبايف زين بيڪ مولدوڪانووچ سان ت??صيلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان پاڪستان ۽ جمهوريه ڪرغزستان جي وچ ۾ پراڻي دو??تا??ي لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي عز?? جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ڪرغزستان ۾ پاڪستاني?? سميت غيرملڪين جي خلاف تشدد جي تازي افسوسناڪ واقعن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ڪرغز حڪومت پاران بدامني دوران حالتون معمول تي آڻڻ ۽ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ان جي فوري قدمن ت?? ٿورا مڃيا. نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستانين جي خلاف تشدد جي تازين ڪاررواين جي ذميوارن جو گهيراءُ ڪيو ويندو. ڪرغز پرڏيهي وزير امن امان جي بحالي جي لاءِ ڪرغز عملدارن پاران کنيل قدمن جي وضاحت ڪئي ۽ فسادن ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري، ڪيس هلائڻ ۽ سزا ڏيڻ جي پختي عز?? جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم ڪرغز جمهوريه ۾ رهندڙ پاڪستاني شهري?? سميت سمورن غيرملڪين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عز?? جو ورجاءُ ڪيو.