اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هيليڪاپٽر جي حادثي ۾ ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم ??ئي??ي ۽ سندس ساٿين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي س??ڳ ڏهاڙي جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڊاڪٽر ابراهيم ??ئي??ي پاڪستان جو سٺو دوست هو، اسان کي س??ي خبر جي اميد هئي پر افسوس ائين نه ٿيو، صدر ??ئي??ي ۽ سندس ساٿين جي احترام ۽ ڀائر ايران سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ قومي جهنڊو جهُڪيل رهندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي هڪ مهيني کان به گهٽ عرصو اڳ هڪ تاريخي دوري تي صدر ابراهيم ??ئي??ي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي ميزباني جو شرف حاصل ٿيو. هو پاڪستان جو سٺو دوست هو. هن چيو ته ان سانحي تي پاڪستان ۾ سوڳ ڏهاڙو ملهايو ويندو ۽ صدر ??ئي??ي ۽ سندس ساٿين جي احترام ۽ ڀائر ملڪ ايران سان يڪجهتي جي اظهار طور جهنڊو جھُڪيل رهندو. وزيراعظم چيو ته صدر ??ئي??ي جي هيليڪاپٽر جي ڪريش لي??ڊنگ جي اطلاع جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي کي بيچيني سان ڏسي رهيا هئاسين. سٺي خبر جي اميد هئي پر افسوس ائين نه ٿيو. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان ان وڏي نقصان تي ايراني قوم سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حادثي ۾ شهيد ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. عظيم ايراني قوم روايتي همت سان ان سانحي تي ضابطو آڻيندي.