اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته گڏيل عرب اما??ات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان کي هر قسم جي حالتن ۾ گڏيل عرب اما??ات جي حمايت جو يقين ڏياريو آهي ۽ پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ش??بن ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب اما??ات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي گذريل ڏينهن يو اي اي جو سرڪاري دورو ڪيو، وزيراعظم صدر سان ٻطرفي ملاقات ڪئي ۽ گڏيل عرب اما??ات جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ٻنهي اڳواڻن انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز، مصنوعي ذهانت، قابل تجديد توانائي ۽ سياحت جي ش??بن ۾ تعاون ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي اڳواڻن توانائي، پورٽ آپريشن پروجيڪٽس، گندي پاڻي جي صفائي، فوڊ سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، معدنيات ۽ بئنڪنگ ۽ مالياتي خدمتن جي ش??بن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون جي معاهدن جي بامعنيٰ لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو جن تي نومبر 2023ع ۾ صحيحون ڪيون ويون هيون. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 22 مئي تي ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان ۽ سندن ساٿين جي شهادت تي تعزيت جي لاءِ اسلامي جمهوريه ايران جو دورو ڪيو ۽ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي ۽ وقتي صدر محمد مخبر سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻن عوام ۽ پاڪستان حڪومت پاران تعزيت ڪئي.