اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ايرا?? جي وچ ۾ واپار، توانائي تعاون، ر??تي ۽ ريل رابطي، ثقافتي مٽاسٽا، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايرا?? جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايرا?? جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جي ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ مبارڪباد جي پيغام ۽ ٽيليفون ڪال تي سندس ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ايران کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم ايراني صدر سان پنهنجي ملاقات کي ياد ڪيو جڏهن هنن مئي 2023ع ۾ گڏيل طور تي هڪ سرحدي مارڪيٽ ۽ بجلي جي پهچ لائين جو افتتاح ڪيو هو. هن واپار، توانائي تعاون، ر??تي ۽ ريل رابطي، ثقافتي مٽاسٽا، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي تي ايرا?? جي حمايت کي ساراهيو. ملاقات دوران فلسطي?? جي صورتحال تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايراني سفير وزيراعظم جا استقبال ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپ?? جي موجوده صورتحال جو جائزو پيش ڪيو. هن ايرا?? جي پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو پڻ ورجاءُ ڪيو.