اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزي?? محمد اسحاق ڊار کي اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن صفادي ٽيليفو?? ڪري پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزي?? محمد اسحاق ڊار اردن جي پرڏيهي وزير سان ڳال??ائ??ندي چيو ته پاڪستاني عوام شاهي خاندان ۽ اردن جي عوام جي لاءِ تمام گهڻي عزت رکي ٿي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جي رفتار کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ تي ات??اق ڪيو. غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻنهي وزيرن فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي قابض فوج جي غيرانساني ۽ وحشياڻي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي. هن فوري جنگبندي جي ضرورت تي ز??ر ڏنو ۽ چيو ته غزه جي ماڻهن جي لاءِ انساني امداد جي فراهمي ۾ بنا روڪ ٽوڪ ۽ اضافي جي ضرورت آهي.