اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تربت ۾ نيول بيس تي دهشتگردن جو حملو ??اڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي کي ساراهيندي ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو و??جاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته حملي کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ??يڪيورٽي فورسز جي وقت ۽ موثر جوابي ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي. صدر ڪليئرنس آپريشن جي ذريعي دهشتگردن جو صفايو ڪندڙ جوانن جي بهادري کي پڻ ساراهيو. صدر آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ سپاهي نعمان فريد کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ ??عا ڪئي، گهرڀاتين جي لاءِ ??بر جميل جي دعا ڪئي.