چارسده – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي نيشنل پا??ٽي جي سربراهه اسفند يار ولي خان جي رهائشگاهه تي وڃي سندس گهرواريءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب اسفند يار ولي خان جي رهائشگاهه تي وزيراعظم سندس فرزند ۽ اي اين پي جي اڳواڻ ايمل ولي خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم مرحومه جي لاءِ فاتحه پڙهي ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم مرحومه جي خاندان سان تعزيت ڪ??ي ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي. ان مو??عي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اسٽيٽ اينڊ فرنٽيئر ريج??ز وارو وزير امير مقام ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر ۽ اي اين پي اڳواڻ غلام احمد بلور، خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر اختيار ولي پڻ موجود هئا.