اسلام آباد – 29 فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) سان تعلق رک??دڙ قومي اسيمبلي جي نئين چونڊيل ميمبر احسن اقبال چيو آهي ته ??مورين پارٽين جي ذميواري آهي ته هو ملڪ کي ??عاشي ۽ سياسي بحران مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پارليامنٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪا هڪ پارٽي ملڪ کي بحرانن مان نٿي ڪٺي سگهي. سموريون سياسي پارٽيون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ان ۾ ڪردار ادا ڪ??ي سگه?? ٿيون. هن چيو ته ??مورين پارٽين کي ??تحد ٿي ميثاق معيشت تي ڳالهائڻ گهرجي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن کي ان ئي رفتار سان ٻيهر شروع ڪندي جنهن رفتار سان اسان 2013 ۽ 2018 ۾ ڇڏيو هو. هن چيو ته ??سان اهو فيصلو پڻ ڪرڻو آهي ته ??سان ملڪ کي روانگي واپار ذريعي بحران مان ڪڍڻو آهي يا قرضن سان. هن چيو ته ??مورن اسٽيڪ هولڊرز کي انهن سمورن آپشنز تي ڳالهائڻ گهرجي.