اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ دوست ملڪن خاص طور تي جي سي سي ملڪن سان مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي معاه??ن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيرعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نگران وزي??اع??م کي توانائي، لاجسٽڪس، خوراڪ جي تحفظ، پاڻي، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ پاڪستان جي عالمي معاه??ن تي تازي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي نگران وزي??اع??م سمورين وزارتن کي 5 ڏينهن تائين لاڳاپيل شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري جي صلاحيت رکندڙ ترقياتي منصوبا قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزي??اع??م سمورين وزارتن کي عالمي سيڙپڪاري جي لاءِ قابل عمل منصوبن جي لاءِ حڪمت عملي جلد کان جلد خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ??وا??لات، سامونڊي معاملن ۽ ريلويز، قانون ۽ انصاف ۽ ماحولياتي تبديلي، ناڻي، توانائي، خوراڪ جي تحفظ وارن نگران وفاقي وزيرن، ڊپٽي چيئرمين منصوبابندي ڪميشن ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.