اسلام آباد- 15 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي ت??بيت بابت نگران وفاقي ??زي?? مدد علي سنڌي چيو آهي ته تعليم جي فراهميءَ ۾ ٽيڪنالاجيءَ مان فائدو کڻڻ ضروري آهي، اسان جي اولين ترجيح اسڪولن مان ٻاهر جي ت??ليمي ادارن ۾ داخلا آهي، ان لاءِ به ٽيڪنالاجيءَ مان مدد ورتي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيسڪو، اي ڊي ٽيڪ حب ۽ آءِ ٽي اي جي سهڪار سان گلوبل ايجوڪيشن مانيٽرنگ رپورٽ 23ع جي جاري ڪرڻ جي موقعي تي منعقد تقريب جي ص??ارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان سال جي اي ايم رپورٽ جو موضوع انتهائي مناسب آهي. هن چيو ته تعليم جي فراهميءَ ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي ڪردار جو جائزو وٺڻ تمام ضروري آهي. پاڪستان تازو ئي ت??ليم جي فراهميءَ ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي تمام اهميت ڏني آهي. هن چيو ته سندن اولين ترجيحي اسڪولن مان ٻارن جي شرح کي گهٽ ڪرڻ آهي، ان انگ کي گهٽ ڪرڻ ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو ڪردار به اهم آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان دنيا جي ت??قي يافته ملڪن جي رفتار سان هم آهنگ ٿئي. هن چيو ته تعليم جو معيار هڪ ٻيو چئلينج آهي جنهن کي سندس سربراهيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ترجيحي ڏني وئي آهي. وفاقي ??زي?? چيو ته هن ان ڳالهه تي خاص زور ڀريو آهي ته شاگردن کي محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ وفاق جي اسڪولن ۾ بنيادي ضرورتون دستياب هجن. هن تعليم واري وزارت ذريعي ڪووڊ 19 ۾ ٽيلي اسڪول ۽ تعي??مي ريڊيو چينلز جي ت??قي ۽ شروعات تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ٽيڪنالاجي پٺتي پيل علائقن جي شاگردن کي پوئتي ڇڏي سگهي ٿي. هن چيو ته تعليم واري وزارت ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته ٽيڪنالاجي جي استعمال کي اهڙيءَ طرح اختيار ڪيو وڃي جيئن ڪوبه ٻار پوئتي نه رهي.