اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) تع??يم ۽ پيشوراڻي واري نگران وفاقي وزير مدد عل?? سنڌي غير معمولي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن کي نيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن ميرٽ ايوارڊ سان نوازيو. هن مقامي هوٽل ۾ نيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن اين ايف ايف ميرٽ ايوارڊ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ملڪ کي مالياتي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ معياري ۽ هنر تي ٻَڌل تع??يم جي اهم ڪردار تي زور ڀريندي وفاقي وزير ٻارن جي روشن مستقبل جي جوڙجڪ ۾ استادن جي اهميت تي زور ڀريو. وفاق وزير مدد عل?? سنڌي 30 شاگردن جي شاندار ڪاميابين کي ساراهيو. تقريب ۾ تع??يم ۽ پيشوراڻي تربيت واري وزارت جي شعبن جي سربراهن والدين شاگردن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته تع??يم هر ٻار جو بنيادي حق آهي ?? قومي ترقيءَ جي پيڙهه جو بنياد آهي. موجوده دؤر ۾ ڪابه قومي معياري تع??يم جي عزم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته وفاقي تع??يم ۽ پيشوراڻي واري وزارت جي قدمن سان ملڪ ۾ تع??يم جي حالتن ۾ بهتر ايندي. کدڙن فقيرن جي ڪمينيوٽيءَ کي مفت بنياد ۽ هنر تي ٻَڌل تع??يم فراهم ڪرڻ تي نيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ڪوششن کي ساراهيندي هن فائونڊيشن ۽ تع??يم واري وزارت جي ان مؤثر آگاهي ۽ اسلام آباد ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي داخلا جي مهم ۽ او او ايس سي جي تعريف ڪئي.