اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ روانڊا جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي آفريقي کنڊ سان پنهنجا لاڳاپا خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، زراعت ۽ عوام جي سطح تي مٽاسٽا ۾ اضافي جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ سان جمهوريه روانڊا جي سينيٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. نگران و??ير??عظم پاڪستان ۽ روانڊا جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي آفريقي کنڊ سان پنهنجي لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، زراعت ۽ عوام جي سطح تي مٽاسٽا جي خواهش کان آگاهه ڪيو. ان سلسلي ۾ هن روانڊا کي اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتي مشن قا??م ڪرڻ جي دعوت ڏني. پاڪستان 2021ع ۾ ڪيگالي ۾ پنهنجو مشن کوليو. پارلياماني مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي نگران و??ير??عظم جمهوريه روانڊا جي سينيٽ جي صدر جي پهرين دوري جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ساراهيو. نگران و??ير??عظم روانڊا جي تازن سالن ۾ حاصل ڪيل شاندار اقتصادي ترقي کي پڻ ساراهيو. جمهوريه روانڊا جي سينيٽ جي صدر پنهنجي وفد جي شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا. اسلام آباد ۾ قيام دوران هن پارليامينٽ ميمبرن، سرڪاري آفيسرن ۽ نجي شعبي سان ڪارائتيون ملاقاتون ڪيون. روانڊا سينيٽ جو وفد سينيٽ آف پاڪستان جي چي??رم??ن جي دعوت تي پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي.