نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي پاڪستان جهڙن ڪمزور اسرندڙ ??لڪن جي ??رو??تن، ترجيحن ۽ حالتن موجب فعال بڻائڻ جي ??رو??ت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان فنڊ کي موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ ??قصانن جي عالمي ردعمل ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ”لاس اينڊ ڊيميج فنڊنگ جي انتظامن“ جي موضوع تي مشاورتي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ مصر جي پرڏيهي وزير سامح شڪري ۽ يو اي اي جي صنعت ۽ جديد ٽيڪنالاجي واري وزير ۽ ڪوپ – 28 جي نامزد صدر ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر پڻ شريڪ ٿيا. نگران پرڏيهي وزير اجلاس دوران اعلان ڪيو ته پاڪستان ڪامياب ڪوپ – 28 جي لاءِ تعميري انداز ۾ سمورين ڌرين س??ن گڏجي ڪم جاري رکندو. گذريل سال جي – 77 ۽ چين جي چيئرمين طور پاڪستان ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. نگران پرڏيهي وزير ڪوپ – 28 ۾ هڪ مضبوط، موثر ۽ وسيلن سان ڀرپور ”لاس اينڊ ڊيميج فنڊ“ کي فعال ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ نئين ”فنڊنگ انتظامن“ تي ”اعليٰ سطحي مشاورتي ڪائونسل“ قائم ڪرڻ جي تجويز جي حمايت ڪئي. هن چيو ته اڄ جي مشاورت هڪ خوش آئنده موقعو آهي ته ان سان عبوري ڪميٽي جي بحثن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي غور ڪيو وڃي ۽ اهو ڏسڻ جي لاءِ ته هن سال جي آخر ۾ دبئي ۾ ڪوپ – 28 ۾ ڪميٽي جي ڪم جي ٺوس ۽ نتيجاخيز تڪمي?? کي ڪيئن يقيني بڻايو وڃي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته موسمياتي آفتن جي ڪري سڄي ??نيا ۾ خاص طور تي پاڪستان جهڙن اسرندڙ ??لڪن ۾ جيڪي موسمياتي تبديلين جي سڀ کان وڌيڪ خطرن جو شڪار آهن اتي لکين ماڻهن کي شديد تڪليفن، مصيبتن ۽ نقصانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڪوپ – 28 مان اميدون تمام واضح آهن ته اها لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي ڪامياب بڻائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ جي حمايت ۾ مثبت ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو. تڏهن کان اسان عبوري ڪميٽي جي عمل ۾ تعميري طور تي مصروف عمل آهيون. هن چيو ته اسان جي مخلصاڻي اميد ۽ ڪوشش آهي ته ڪوپ – 28 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي فعال ڪرڻ جي لاءِ ان جي اداراجاتي انتظامن س??ن گڏوگڏ ”فنڊنگ جي انتظامن“ بابت سمورن باقي مسئلن کي عبوري ڪميٽي جي اندر حل ڪيو ويندو. هن چيو ته سمورن ڪمزور اسرندڙ ??لڪن کي انهن جي ترقي جي سطح ۽ جاگرافيائي گروهه بندي کان هٽي ڪري ان جو اهل هجڻ ??رو??ي آهي. ڪنهن به ڪمزور اسرندڙ ??لڪ کي پٺتي نه ڇڏڻ گهرجي. فنڊ کي ڪنهن مخصوص گروپ يا اسرندڙ ??لڪن جي گروپن تائين محدود ڪرڻ جي ڪا به تجويز واضح طور تي فنڊ قائم ڪرڻ جي پٺي??ن گڏيل روح، مقصد ۽ ڪوششن جي خلاف هوندي. هن چيو ته اضافي، مناسب، نان ڊيبٽ پيداوار ۽ گرانٽ تي ٻڌل پبلڪ فنانس لاس اينڊ ڊيميج فنڊنگ جو بنيادي ذريعو هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته يو اين ايف سي سي ۽ پيرس معاهدي سان لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي اهليت جي معيار، پروگرامن ۽ پاليسين جي صف بندي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فنڊ کي ڪنوينشن ۽ پيرس معاهدي جي آپريٽنگ اداري طور ڪم ڪرڻ گهرجي. اهڙي طرح فنڊ وٽ هڪ وقف ۽ خودمختيار سيڪريٽريٽ هجڻ گهرجي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته فنڊ جي پاليسين تي عملدرآمد ۽ ڪوپ ۽ سي ايم اي کان رهنمائي جي فراهمي غيرجانبداراڻي طريقي سان ڪئي وڃي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڪوپ – 28 ۾ نئين ”فنڊنگ انتظامن“ تي ”هڪ اعليٰ سطحي مشاورتي ڪائونسل“ قائم ڪرڻ جي تجويز جي پڻ حمايت ڪريون ٿا، جنهن ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڪوپ 28 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي ڪامياب آپريشنلائيزيشن جي لاءِ تعميري انداز ۾ سمورين ڌرين ۽ عالمي حصيدارن س??ن گڏجي ڪم جاري رکڻ جو منتظر آهي.