اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان الوداعي مل??قات ڪئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊاڪٽر اسد مجيد خان کي 31 هين پرڏيهي سيڪريٽري طور تي ڪاميابي سان مدو مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مختلف معاملن تي پاڪستان جو موقف اجاگر ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي خدمتن کي ساراهيو ?? سندس پيشيواراڻي صلاحيتن، پ??ڏيهي محاذ تي قدمن کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي صدر رٽائرمينٽ کانپوء?? جي زندگي جي لاءِ ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.