لاهور-06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گورنر هائوس لاهور ۾ پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ يونيورسٽي جي ??يڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جي انتظام هيٺ هيپاٽائٽس سي آگاهي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورن ملڪي ۽ پرڏيهي نمائندن کي ڀليڪار چوان ٿو، پي ڪي ايل آءِ 2015ع ۾ پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي، يونيورسٽي جي ??يام هڪ وڏو منصوبو آهي، 2018ع ۾ پي ڪي ايل آءِ جي ??ڄاڻي ٿي، پروفيسر سعيد اختر پي ڪي ايل اءِ لا??ِ گهڻي محنت ڪئي، ڊاڪٽر سعيد جي سربراهي ۾ ليور ٽرانسپلانٽ جي شروعات ڪئي. هن چيو ته امير ۽ غريب ۾ بنا فرق جي ??ي ڪي ايل آءِ ۾ علاج ڪيو ويندو آهي، مريضن لا??ِ پي ڪي ايل آءِ هڪ اميد جي ڪرڻو آهي، پي ڪي ايل آءِ کي جديد خطوط تي عالمي معيار جي ??طابق بڻايو ويو. هن چيو ته هيپاٽائٽس جي روڪٿام ل??ءِ وفاق صوبن کي فنڊز فراهم ڪندي. ان قدمن جو مقصد مريضن کي بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ آهي، سرندي وارا به فنڊز ۽ دوائون اداري کي فراهم ڪندا. وزيراعظم چيو ته پي ڪي ايل آءِ جي ڊاڪٽرز ۽ عملو بهترين خدمتون سرانجا?? ڏئي رهيا آهن، هيپاٽائٽس جي روڪٿام ل??ءِ آگاهي مهم گهڻي ضروري آهي، پي ڪي ايل لا??ِ ٽرسٽ فنڊز ۾ 15 ارب روپيا گڏ ٿيا آهن.