لاهور – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته حڪومت روانگي واپار ۽ ٻاهرئين س??ڙپ??اري ۾ اضافي جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪري روانگي واپار کي وڌائ?? سگهجي ٿو، نجي شعبن جي عوام جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، صنعتي زون ۾ ريئل اسٽيٽ کي اجازت نه هوندي، اڳوڻي نالائق حڪومت ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، ٻيهر حڪومت ملي ته ملڪ کي معاشي حب بڻائينداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس لاهور ۾ لاهور ۽ شيخوپوره ۾ 3 صنعتي زونز جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي حوالي ??ان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر بليغ الرحمان، صوبائي وزير راڻا مشهود، چائنا سميت پرڏيهي س??ڙپ??ار ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف اومبر اسپيشل اڪنامڪ زون، سندر گرين زون، سمارٽ اسپيشل اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ??ه آئون اڄ صنعتي زونز جي پيڙهه جو پٿر رکڻ تي سمورن شرڪت ڪندڙن کي دل جي گهراين ??ان مبارڪباد ڏيان ٿو خاص طور تي پرائيويٽ سيڪٽرز کي جن ملڪ ۾ انهن اڪنامڪ زونز قائم ڪرڻ جي لاءِ اربين رپين جي س??ڙپ??اري جي راهه هموار ڪئي آهي. هن چيو ??ه آئون سمجهان ٿو ته اهي عظيم ترقي ۽ خوشحالي جا منصوبا آهن جن ??ان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، پرائيويٽ سيڪٽرز جي عوام جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. محمد شهباز شريف چيو ??ه پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي، پنجاب بورڊ آف انويسٽمينٽ اينڊ ٽريڊ جي سيڪريٽري ۽ چيفسيڪريٽري کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن انهن منصوبن جي تياري جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي. وزيراعظم چيو ??ه وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون انهن اڪنامڪ زونز جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنديون، صنعتي زون ۾ ريئل اسٽيٽ کي اجازت نه هوندي. هن چيو ??ه پرائيويٽ سيڪٽرز اڪنامڪ زون ۾ س??ڙپ??اري جي لاءِ دلچسپي جو اظهار ڪيو ??هي، معاشي منصوبن تي عملدرآمد ??ان ملڪ کي خوشحال بڻائينداسين، اڳتي وڌڻ جي رخ جو تعين ڪري ڇڏيو ??هي، ان حڪمت عملي ۾ وفاقي حڪومت ۽ سموريون صوبائي حڪومتون شامل آهن جڏهن ته انهن منصوبن کي مڪمل ٿيڻ ??ان نوڪرين ۽ روانگي واپار کي فروغ ملندو. محمد شهباز شريف چيو ??ه پاڪستاني مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ جديد طريقا استعمال ڪرڻا پوندا، روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ا??ان کي ٻيڻي محنت ڪرڻي پوندي، وفاق ترقياتي منصوبن جي لاءِ سمورا وسيلا فراهم ڪندو، ترقي ڪرڻي آهي ته سڄي ملڪ ۾ اڪنامڪ زون ٺاهڻا پوندا. روانگي واپار کي وڌائڻو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ??ه بجلي چوري ۾ اضافو ا??ان جي لاءِ تمام وڏو چئلينج آهي، ساليانو بجلي چوري جي مد ۾ اربين رپين جو نقصان ٿي رهيو ??هي، جيستائين ان تي ضابطو نه ٿو اچي وڃي معيشت جو ڦيٿو نه هلندو. هن چيو ??ه بجلي جي چوري روڪڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، ايندڙ مهيني نگران حڪومت قائم ٿيڻ وڃي رهي آهي، ا??ان چاهيون ٿا ته اهڙو ڪم ڪري وڃون جو ايندڙ نگران حڪومت کي ڪا مشڪل درپيش نه ٿئي ۽ اها معيشت جي بهتري لاءِ عملي قدم کڻ?? سگهي ۽ وقت جو زيان به نه ٿئي. وزيراعظم چيو ??ه ا??ان اهم ضروري قدم کڻي ڇڏيا آهن جن کي جاري رکي نگران حڪومت مسئلن کي منهن ڏيندي. وزيراعظم چيو ??ه گذريل دور ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ گهربل اڳڀرائي نه ٿي، 2018ع ۾ هڪ نااهل حڪومت جي اچڻ ??ان ا??ان جو شروع ڪيل ترقي جو سفر رڪجي ويو، هاڻي انشاءَالله ٻيهر ان ترقي جي سفر کي اتان کان شروع ڪنداسين، ماضي ۾ ٿيندڙ نقصانن جو ازالو ڪري ا??ان کي اڳتي وڌڻو پوندو، ا??ان کي ٻيهر حڪومت جو موقعو مليو ??ه ملڪ کي معاشي حب بڻائينداسين. محمد شهباز شريف چيو ??ه ترقي ڪرڻي آهي ته سڄي ملڪ ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون ٺاهڻا پوندا، سولر ۽ پن بجلي منصوبن ??ان صنعت ۽ انڊسٽري کي ترقي ڏئ?? سگهجي ٿي جهڙي طرح ا??ان بهاولپور ۾ 400 ميگاواٽ جو سولر پارڪ ٺاهيو ??هڙي طرح جا وڌيڪ پارڪ ٺاهڻا پوندا. وزيراعظم چيو ??ه پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پيٽروليم جي صنعت ۾ معاهدو ڪيو ويو ??هي جنهن تحت حڪومت ڀائر ملڪ کان ماهوار جي بنياد تي ايل اين جي جو هڪ جهاز خريد ڪندي، خريداري جو اختيار پاڪستان وٽ هوندو جنهن ??ان ايل اين جي نه خريد ڪرڻ تي ڏنڊ نه لڳندو جڏهن ته ان معاهدي ??ان ملڪ ۾ سستي ايل اين جي ميسر ايندي ۽ انرجي جي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ اها هڪ تمام وڏي اڳڀرائي ثابت ٿيندي. وزيراعظم چيو ??ه نار ملڪ پاڪستان ۾ س??ڙپ??اري جا خواهشمند آهن، جيڪڏهن اهي هتي س??ڙپ??اري ڪندا ته انهن کي منافعو ملندو، پاڪستان ۾ پيداوار ۾ اضافي، نوڪرين ۽ روانگي واپار کي فروغ ملندو، ڀائر ملڪ قطر پاڪستان جي ترقي جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو ??هي، قطر پاڪستان ??ان ايل اين جي معاهدن جي مڪمل پاسداري ڪئي، روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ انتهائي اهم قدم کنيا آهن جيڪي به سهولتون گهرجن حڪومت ڏيندي. هن چيو ??ه پاڪستاني مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ جديد طريقا استعمال ڪرڻا پوندا، جلد ملڪ کي بحرانن مان ڪڍنداسين. واضح رهي ته اومبر اسپيشل اڪنامڪ زون 54 ايڪڙ تي ٻڌل آهي جنهن جي مڪمل ٿيڻ ??ان 10 هزار ما??هن کي روزگار ملندو، سندر گرين زون 77 ايڪڙ تي ٻڌل آهي جنهن جي مڪمل ٿيڻ ??ان هڪ لک ما??هن کي روزگار ملندو. هن چيو ??ه سمارٽ اسپيشل اڪنامڪ زون 75 ايڪڙ تي ٻڌل آهي جنهن ??ان 50 هزار ما??هن کي روزگار جا موقعا ملندا.