اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي)صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي انشورنس کان پهرين ميڊيڪل ٽيسٽ?? جي باري ۾ پا??يسي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري پريس رليز موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي هدايت ڪئي ته اسٽيٽ لائيف ڊاڪٽرن جو پنيل جوڙي جيڪو تجويز ڪري ته پاڪستان ۾ عام بيماريون ڪهڙيون آهن ۽ پا??يسي جاري ڪرڻ کان پهرين ڪهڙيون ٽيسٽون ڪرائڻ گهرجن. صدر اهي حڪم انشورنس ڪمپنين ۽ شهرين طرفان داخل ڪيترين ئي اپيل?? جي ڏس ۾ جاري ڪيون آهن جن ۾ چيو ويو آهي ته انشورنس ڪمپنيون ڪليمز جي ادائيگي کان انڪار ڪري رهيون آهن، انشورنس ڪمپنيون انشورنس کان اڳ بيماري لڪائڻ جي الزام تي انشورنس جي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيون هيون. پا??يسي هولڊرز کي م??از ميڊيڪل آفيسرز ۽ انشورنس ڪمپني?? جي فيلڊ آفيسرز طرفان طبي طور تي فٽ قرار ڏيڻ جي باوجود ڪليمز جي ادائيگي کان انڪار ڪيو پئي ويو. صدر وفاقي م??تسب جي فيصلن خلاف اسٽيٽ لائيف انشورنس جون 2 ڌار ڌار اپيلون رد ڪري ڇڏيون. صدر اسٽيٽ لائيف کي ??ن پاليسي هولڊرز?? جي خاندانن جي م??ڻهن کي 36 لک کان وڌيڪ رقم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. تفيصل موجب محمد يوسف ۽ عابده بي بي اسٽيٽ لائيف کان ترتيبوار 34 لک ۽ 2 لک روپي?? جي لائيف انشورنس پا??يسيون حاصل ڪيون، پا??يسي هولڊرز جي وفات کانپوءِ پوئينرن انشورنس ڪليمز جي ادائيگي لاءِ اسٽيٽ لائيف سان رابطو ڪيو پر انشورنس کان اڳ بيماريون لڪائڻ جو بهانو بڻائي ڪليمز جي رقم ادائيگي کان انڪار ڪيو ويو، اسٽيٽ لائيف کين ان بنياد تي لاڳاپيل رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته هو هيپاٽائيٽس سي، گردي جي دائيمي بيماري، دل جي بيماري ۽ هائي بلڊ پريشر جا مريض آهن، پا??يسي هولڊرز انشورنس کان پهرين انهن بيماري?? جي هجڻ جو ذڪر ناهي ڪيو، خاندان جي م??ڻهن ڌار سان وفاقي م??تسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي، جنهن ۾ انه?? جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا ويا، ان کانپوءِ اسٽيٽ لائيف صدر مملڪت کي اپيل داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو آهي، صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻنهي پا??يسي هولڊرز کي لاڳاپيل ميڊيڪل آفيسرز ۽ فيلڊ آفيسرز طبي طور تي صحتمند قرار ڏنو هو، ميڊيڪل آفيسرز جي ذريعي بيماري?? جي موجودگي جو آساني سان پتو لڳائي سگهيو پئي، صدر چيو ته ميڊيڪل آفيسرن جون خدمتون پا??يسيون جاري ڪرڻ کان اڳ پا??يسي هولڊرز جي طبي م??ائني لاءِ حاصل ڪيون ويون هيون. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف ادائيگين کان انڪار نٿي ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته ان وٽ مجاز ميڊيڪل آفيسرز جي ذريعي م??ينه بيمارين جو پتو لڳائڻ جا سمورا ذريعا موجود هئا. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف ناقص بنيادن تي انشورنس ڪليمز کي رد ڪري بدانتظامي جو ارتڪاب ڪيو آهي، اسٽيٽ لائيف انشورنس کان پهرين بيماري?? جي موجودگي ثابت ڪرڻ جي حوالي سان ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهي، صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف لاڳاپيل خاندان جي م??ڻهن کي 3.68 ملين روپيا ادا ڪري ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ جي حوالي سان پنهنجي پا??يسي کي بهتر بڻائي. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف ذيابيطس ۽ هائپرٽينشن وغيره جهڙين مختلف بيماري?? جي باري ۾ انشورنس پا??يسي ۽ پريميم جي حوالي سان طبي م??ض?? جي خدش?? جي بنياد تي ترميم ڪري م??تقبل ۾ اهڙي قانوني ڪارروائي کان بچي سگهي ٿي.