اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته عبدالستار ايڌي جهڙا ماڻهو ئي ڪنهن به معاشري جي اخلاقي قدرن جي صحيح طور تي نمائندگي ڪندا آه?? ۽ انسانيت جي خوبصورتي ۾ اسانجي اعتماد کي بحال ڪندا آه??، دنيا ۾ اهڙا ماڻهو ب?? هوندا آه?? جيڪي پنهنجي مقصد لاءِ سچائي ??ان ڪم ڪندا آه?? ، پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ هن چيو ته عبدالستار ايڌي پڻ اهڙين عظيم شخصيتن مان هو جنهن دنيا جا سمورا ڪم ڇڏي انسانيت جي خدمت جو رستو چونڊيو ۽ پنهنجي سموري حياتي محنت ۽ فرض شناسي سان ان مقصد لاءِ گذ??ري، وزيراعظم شهباز شريف عبدالستار ايڌي جي ستين ورسي جي موقعي تي سندس بلند درجات لاءِ دعا ڪئي ۽ پنهنجي ٽوئٽ ۾ مرحوم جي تصوير پڻ شيئر ڪئي ??هي.