اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، چئني صوبائي گورنرن، مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، خالد حسين مگسي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ايمل ولي خان ?? چيئرمين ج??ائن?? چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر ش??شا?? مرزا کي ٽيليفون ڪيو ۽ انهن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف آزاد رياست ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود کي ٽيليفون ڪري عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم هن لاءِ خيرسگالي جي جذبن ج?? اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن ج?? خلاف ورزين ج?? مذمت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀارتي رياستي دهشتگردي جو دليري ۽ ثابت قدمي سان مقابلو ڪرڻ تي بهادر ڪشمي??ين کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم آزاد ڪشمير جي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشميرين ج?? آزادي تائين پاڪستان طرفان هر ممڪن حمايت ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوه ۽ بلوچستانجي گورنرن کي به ٽيليفون ڪئي ۽ انهن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن ج?? اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين ج?? اڳواڻن مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، خالد حسين مگسي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ايمل ولي خان کي ٽيليفون ڪيو ۽ اتحادي پارٽين ج?? اڳواڻن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم ۽ اتحادي پارٽين ج?? اڳواڻن ملڪي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم اتحادي پارٽين ج?? اڳواڻن کي مينجنگ ڊائريڪٽر آءِ ايم ايف سان ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت به آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين ج??ائن?? چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر ش??شا?? مرزا کي به ٽيليفون ڪئي ۽ عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم هٿياربند فوج جي پيشيواراڻه مهارت ۽ عسڪري تيا??ين بابت معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي.