لاهور – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ايف سي جون پگهارون پاڪ فوج جي برابر ڪري ڇڏيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شر??ف ??ڏي عيد تي ايف سي جي آفيسرن ۽ جوانن جي لاءِ ??ڏي خوشخبري ٻڌائيندي ايف سي جون پگهارون پاڪ فوج جي برابر ڪري ڇڏيون. ايف سي جي پگهارن ۾ پاڪ فوج جي نسبت فرق هو جنهن کي وزيراعظم ختم ??رڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف اهو اعلان پاڪ افغان سرحد تي پاراچنار جي دوري جي موقعي تي گذريل ڏينهن خطاب ۾ ڪيو. وزيراعظم اهو قدم ايف سي جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ڪيو آهي.