اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي)ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ۾ چيو ته زراعت جو شعبو ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ايندڙ مالي سال ۾ ان شعبي لاءِ ڄاڻايل هيٺان قدم کڻڻ جون تجويزون آهن، زرعي قرضن جي حد کي هلندڙ مالي سال ۾ 1800 ارب رپيا مان وڌائي 2250 ارب رپيا ڪيو ويو آهي. هن بجيٽ تقرير ۾ چيو ته بجلي/ڊيزل جو بل ها??ي جو سڀ کان وڏو خرچ هوندو آهي. ايندڙ مالي سال ۾ 50 هزار زرعي ٽ??وب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته معياري ٻج هي سٺي فصل جو بنياد آهي. ملڪ ۾ معياري ٻج جي استعمال کي هٿي ڏيڻ لاءِ ان جي گهرائڻ تي سمورا ٽيڪس ۽ ڊ??وٽ??ز ختم ڪيا پيا وڃن. اهڙيءَ طرح Sappings گهرائڻ تي ڪسٽم ڊ??وٽ?? ختم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته موسمي تبديليءَ سبب ها??ويسٽنگ جي مدت ??هٽ کان ??هٽ ٿيندي پئي وڃي، ان سان ??ڏوگڏ جيڪڏهن ها??ي ٽ??ن فصل به کڻي ته ان لاءِ ضروري آهي ته هو پڪل فصل کي جلد سنڀالي. ان لاءِ ڪمبائين ها??ويسٽرز جي ضرورت آهي. ڪمبائين ها??ويسٽرز جي استعمال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هي تجويز آهي ته ان تي سموريون ڊ??وٽ??ون ختم ڪيون وڃن. هن چيو ته چانور جي پيداوار وڌائڻ لاءِ خشڪ، رائيس پلانٽرز، سيڊر کي به ڊ??وٽ?? ۽ ٽيڪس کان ??وٽ جي تجويز آهي. ايگرو انڊسٽري ٻهراڙيءَ جي معيشت ۾ انقلاب جي صلاحيت رکي ٿي. بجيٽ ۾ ايگرو انڊسٽري کي Concessional قرضن جي فراهميءَ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن.