اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ ت?? شه??دن ??ي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ فوج ج?? شه??دن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صدر 8 اپريل تي ڏکڻ وزير??تا?? ۾ شهادت ماڻيندڙ نائيڪ فضل جانان جي وارثن سان رابطو ڪيو. هن 8 اپريل تي خيبر باڙه ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ نذيرالله محسود ۽ نائب صوبيدار حضرت گل جي پونئيرن سان پڻ فون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 5 اپريل تي ڏکڻ وزير??تا?? ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي حامد رسول جي ڀاءُ سان پڻ فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊا??ٽر عارف علو?? شه??دن کي دهشتگردن جي خلاف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد آهي. صدر چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شه??دن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن شه??دن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ قوم پاران شه??دن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شه??دن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.