اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت ۾ پوليس صدر ٿاڻي تي حملي جي شديد مذمت ڪندي ڊي ايس ??ي اقبال مهمند سميت 3 جوانن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهادت ماڻيندڙ ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر اقبال مهمند، سپاهين وقار، مرجان، ڪرامت کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وز??راعظم شه??دن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو پڻ اظهار ڪيو. وز??راعظم چيو ته پوليس دهشتگردي جي خلاف فرسٽ لائين آف ڊفينس جو شاندار ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر ٿاڻي تي دهشتگردن جي حملي جو پوليس جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو. دهشتگردي جي خاتمي ۾ پاڪستان جي بقاءَ ۽ ترقي آهي. وز??راعظم ڊرائيور سردار علي ۽ 6 زخمي پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي جي دعا پڻ ڪئي. وز??راعظم خيبرپختونخواهه حڪومت کي شه??دن جي لاءِ پئڪيج ۽ زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.