اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ريفرنس کي اڳوڻي وزيراعظم جي انتقامي ڪارروائي، عدليه جي آزادي تي راتاهو ۽ ان کي ورڇ ڪ??ڻ جي ڪڌي سازش قرار ڏيندي ڪيوريٽيو ريويو ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته ڪيوريٽيو ريويو ريفرنس ڪمزور ۽ بي بن??اد سببن تي داخل ٿيو هو، ان لاءِ حڪومت ان جي پيروي نه ڪ??ڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪابينا اڳ ۾ ئي ان فيصلي جي منظوري ڏئي چڪي آهي. بيان موجب وزيراعظم ??انون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم ??ذير تارڙ کي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ڪيوريٽيو ريويو ريفرنس واپس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو ته ريفرنس جي نالي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ان جي گهرڀاتين ??ي هراسان ۽ بدنام ڪيو ويو. اهو ريفرنس نه هو، آئين ۽ قانون جي راهه تي هلندڙ هڪ منصف مزاج جج جي خلاف هڪ منتقم مزاج شخص عمران نيازي جي انتقامي ڪارروائي ۽ عدليه جي آزادي تي راتاهو ۽ ان کي ورڇ ڪ??ڻ جي ڪڌي سازش هئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين اپوزيشن جي دور ۾ به ان ڪوڙي ريفرنس جي مذمت ڪئي هئي. عمران نيازي صدر جي آئيني منصب جو ان ڏوهاري فعل جي لاءِ ناجائز استعمال ڪيو. وزيراعظم چيو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي عدليه تي حملي جي ڏوهه ۾ هٿيار ۽ هڪ ڪوڙ جو حصيدار بڻيو. پاڪستان بار ڪائونسل سميت وڪيل تنظيمن پڻ ان جي مخالفت ڪئي هئي، انهن جي راءِ جي قدر ڪريون ٿا.