اسلام آباد-20 مارچ (اي پي پي) پاڪستان پوسٽ سينيٽ آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي تقريبن جي موقعي تي يادگاري ڊاڪ ٽڪيٽ ۽ سووينئر جا??ي ڪيو آهي. 20 روپيه ماليت جو يادگاري ڊاڪ ٽڪيٽ 56 ملي ميٽر سائيز جو آهي ۽ 15 مارچ کان ملڪ جي سڀني اهم پوسٽ آفيسن ۾ وڪري لاءِ دستاب هوندو. ڊاڪ ٽڪيٽ ??ان 50 سووينئر شيٽ به جا??ي ڪيو آهي. پاڪستان پوسٽ اهم قومي موقعن تي يادگاري ٽڪيٽ جا??ي ڪندو آهي. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني مينيجر فليٽلڪ بيورو ڪراچي جي پي او، يا مينيجر نيشنل فليٽلڪ بيورو، اسلام آباد جي پي او مان ڊاڪ ٽڪيٽن لاءِ رابطو ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته درخواست ??ان بينڪ ڊرافٽ يا ڪراسڊ چيڪ هئڻ گهرجي. پاڪستان پوسٽ اهم قومي ۽ عالمي موقعن تي مختلف يادگاري ڊاڪ ٽڪيٽ جا??ي ڪندو آهي جنهن ۾ عظيم شخصيتن ۽ انهن جي ڪاميابين کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو آهي. ان تاريخي موقعي کي يادگار بنائڻ لاءِ سينيٽ آف پاڪستان به 15 کان 17 مارچ 2023ع تائين پارليامنٽ هائوس ۾ هڪ تاريخي ٽن ڏينهن وارو اجل??س گهرايو، جيڪو واقعي هڪ يادگار سفر جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن جي شروعات سينيٽ ڪيترائي سال اڳ ڪئي هئي. 1973ع جو سال پاڪستان جي پارلياماني تاري?? ۾ 1973ع جي آئين جي شڪل ۾ هڪ آئيني دور جي نشاندهي لاءِ نمايان رهندو. پاڪستان سينيٽ جي گولڊن جوبلي هڪ متحد، هم آهنگ ۽ سٺي طرح ??ان مربوط فيڊريشن جي طور تي 5 ڏهاڪن تي ٻڌل ا??ان جي قومي جدوجهد ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي.