مظفر ڳڙهه – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم جي سهولت?? جي حوالي سان ماڻهن کي مشڪلاتون درپيش آهن، ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مظفر ڳڙهه ۾ فراهم ڪئي ويندڙ سهولتون بهتر آهن پر هتي ڪارڊيالوجي جي شعبي ۾ سهولت?? جي سخت ضرورت آهي، ايمرجنسي جي حوالي سان جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسي??، مظفر ڳڙهه ۾ مدر اينڊ چائلڊ اسپتال به ضرور ٺـهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفر ڳڙهه جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۽ پن??اب ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ڪاليج (ٽيوٽا) جي دوري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير اسپتال ۽ ڪاليج ۾ مختلف شعبن جو معائنو ڪيو. سي اي او هيلٿ ڊاڪٽر ظفر عباس، ايم ايس ڊاڪٽر ضياءَ الحسن ۽ پي ايم اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر يوسف نسيم بخاري مملڪتي وزير حنا رباني کر کي اسپتال جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ڊاڪٽر ضياءَ الحسن چيو ته ايڪسري جي ڊيجيٽل فلمن ايل سي ڊيز تي پابندي سبب پورٽ تي ڦاٿل آهن، جڏهن ته ڊالر وڌڻ جي ڪري به فلم?? جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنه?? جي ڪري به مشڪلاتون وڌيون آهن. اسپتال انتظاميا مملڪتي وزير کي اسپتال ۾ عملي، وسيل?? جي گ??ٽت??ئي ۽ مشڪلاتن بابت آگاهه ڪيو. مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته هو ان حوالي سان لاڳاپيل عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي.