اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته گوانتانامو بي حراستي مرڪز مان ٻن پاڪستاني شه??ين کي آزاد ڪري وطن واپس موڪليو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻن پاڪستاني شه??ين محمد احمد رباني ۽ عبدالرحيم غلام رباني جيڪي گوانتانامو بي جي حراستي مرڪز ۾ قيد هئا، کي آزاد ڪري 24 فيبروري تي پاڪستان واپس موڪليو ويو آهي. بيان موجب پرڏيهي وزارت محمد احمد رباني ۽ عبدالرحيم غلام رباني جي وطن واپسي کي آسان بڻائڻ جي لاءِ هڪ وسيع انٽر ايجنسي جي عمل ۾ سهولت ف??اهم ڪئي. ترجمان چيو ته اسان کي خوشي آهي ته اهي پاڪستاني شه??ي آخرڪار پنهنجي خاندان سان مليا آهن.