اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اس??ن جو عظيم دوست چين سدائين سٺي ۽ بري وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي. ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اس??ن ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ پاران هڪ ارب ڊالر جي واعدي ۽ جنيوا ۾ ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس ۾ 100 ملين ڊالر جي جدا اعلان تي چيني قي??دت جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته نئين سر تعمير جي لاءِ اهو تعاون تمام اهميت رکندڙ آهي.