اسلام آباد– 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ترڪيه جي دو??ي جي ٻئي ڏينهن ترڪيه جي سيڙپڪاري ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي ل??ءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو آهي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ڪاروباري شعبي ۾ آسا??ي کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ حڪومت جي عزم جو يقين ڏياريو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اها ??ال??ه پاڪ ترڪ بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بي پناهه غيراستعمال ٿيل ڪاروباري ۽ واپاري رخن طرف ڌيان ڇڪرايو. واپاري برادري پاڪستاني حڪومت جي اڻٿڪ حمايت بابت ۽ واپاري سفارتڪاري جو نئون دو?? شروع ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.