اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته اسٽريٽ چلڊرن ۽ 20 ملين کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي ??اقاعده تعليم جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ انهن کي قيمتي انساني وسيلن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار انڊر 16 اسٽريٽ چلڊرن جي ٽيم ۽ مسلم هينڊز جي عهديدارن سان ڳالهائيندي ڪيو. اها ٽيم اسٽريٽ چلڊرن ورلڊ ??پ قطر 2022ع ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. صدر مسلم هينڊز پاران بي سهارا ٻارن جي مدد، انهن کي ??حتمند ۽ تعميري سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ، مناسب تربيت، تعليم، سماجي ۽ مواصلاتي مهارتن ۽ اعتماد سان گڏوگڏ فٽ بال ٽورنامينٽس ۾ عالمي سطح تي مقابلو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ جهڙن قدمن کي ??اراهيو. هن ٽيم جي ڪاميابين کي ??اراهيندي چيو ته اهڙا قدم هاڪي ۽ ڪٻڊي جهڙين ٻين راندين جي فروغ لاءِ پڻ کڻڻ گهرجن. صدر چيو ته جيتوڻيڪ حڪومت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي پر پٺتي پيل ٻارن کي ??حتمند سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي تعاون جي ضرورت آهي. هن چيو ته غير مراعت يافته ٻارن کي ??عليم، تربيت ۽ ضروري هنر جي ذريعي سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃ?? ته جيئن اهي پنهنجي پور?? صلاحيت جو ادراڪ ڪري سگهن. صدر پاڪستان اسپورٽس بورڊ کي هدايت ڪئ?? ته اسٽريٽ چلڊرن کي ??اندين جي سرگرمين ۾ شامل ڪيو وڃ?? ته جيئن انهن جي ڪردارسازي ۽ اعتمادسازي سان گڏوگڏ تربيت جي ذريعي انهن کي ??المي معيار جا رانديگر بڻجڻ ۾ مدد فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان راندين سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي ۽ فٽ بال جي راند به ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هڪ جهڙي مقبول آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته راندين جو فروغ اسان جي نوجوانن کي ??هني دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۽ صحتمند زندگي گذارڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي. انهن کي ??ديد ترين آءِ ٽي ٽولز ۽ تربيت سان ليس هجڻ گهرج?? ته جيئن اهي ملڪ جا ڪارائتا شهري بڻجي سگهن. صدر پاڪستان فٽ بال فيڊريشن تي پڻ زور ڏنو ته اها ننڍن ننڍن اختلافن کي هڪ طرف رکندي راند جي ترقي تي ڌيان ڏي. ان کان اڳ مسلم هينڊز برطانيا جي ڊائريڪٽر راجا ارسلان نصرت صدر کي ??ريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ 15 کان وڌيڪ ڪميونٽيز ۾ 1000 کان وڌيڪ ٻار ”ٻارن جو راند جو حق“ جي نعري تحت راندين جي سرگرمين ۾ شريڪ آهن. هن ٻڌايو ته اسٽريٽ چلڊرن تي ٻڌل فٽ بال ٽيم قطر ۾ ٿيندڙ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندي. ان موقعي تي صدر قومي جهنڊو پڻ ٽيم جي ڪپتان کي ڏنو.