سرينگر- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ قابض انتظاميه آزادي جي تحريڪ جي عظيم قائد سيد علي گيلاني جي پهرين ورسي تي اڄ ماڻهن کي سرينگر جي علائقي حيدر پوره ۾ سندس قبر تي فاتحه خواني کان روڪڻ لاءِ سخت پاب??دي??ن لاڳو ڪيون ويون آهن، ??شم??ر ميڊيا سروس موجب وادي ??شم??ر ۾ ڪيترن ئي جاين تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن جتي ماڻهن جي تلاشي ورتي پئي وڃي، حيدر پوره ۾ به وڏي تعداد ۾ ڀارتي ف??ج ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن ماڻهن کي شهيد اڳواڻ جي قبر تي فاتحه خواني ڪرڻ کان روڪي سگهجي. ڪنهن کي به علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي اجا??ت نه پئي ڏني وڃي. والاريل علائقي ۾ سيد علي گيلاني جي ورسي جي تي اڄ جي هڙتال جي ڪال ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي، سيد علي گيلاني جي روح جي ايصال ثواب لاءِ وادي ??شم??ر ۽ ڄمون خطي جي مختلف حصن ۾ دعائن جون ويهڪون ٿيون.